Hepatitis Testing/Vaccination/Cure Program
The talks are going on to get Hepatitis Testing/Vaccination/Cure Program for the members and their families.
Executive Council
The Executive Council Consists of six unelected members with much higher experience. In Second General Meeting of the Association the members of the Executive Council will be finalized.
Organizing Committee
In the First General Meeting of the Association held on 1st July 2011 following Organizing Committee was Elected for 1st July 2011 to 30th June 2013 (Two year term).
1. President: Respected Irshad Ahmed Mangrio
2. Vice President:
3. General Secretary: Ahmed Ali Mangrio
4. Joint Secretary: Respected Abdul Hafeez Mangrio S/o Respected Ustad Abdul Razzaq Mangrio
5. Treasurer: Respected Abdul Hafeez Mangrio S/o Respected (Late) Ghulam Hussain Mangrio
6. Press Secretary: Abdul Aleem Alias Yasir Mangrio
Active Organizers
The active organizers are actually the pioneers of this association. Who convinced everybody to establish this kind of welfare association for the community. These are:
- Mr. Ubedullah Sindhi
- Mr. Amjad Ali Mangrio
- Mr. Farooq Ahmed Mangrio
- Mr. Shoaib Ahmed Mangrio
- Mr. Ashfaq Ahmed Mangrio
- Mr. Halar Sarwaich Mangrio
- Mr. Asad Ali Mangrio
- Mr. Ahmed Ali Mangrio
- And many others…
- Mr. Mubbashir Soomro
- Mr. Naeem Soomro
- Mr. Faheem Pathan
- And Many Others…
General Council
The General Council consists of All the Registered Members of The Association.
The details are under construction.
Members Introduction
All those members who want to put their introduction on website are requested to fill the following form.
But you have to email me at least your photograph as no photo upload facility is available in following form OR as alternate you can write photobucket.com link of your photograph into the “Website:” field of the form. (email can be seen at Facebook Profile).
Ahmed Ali Mangrio, GS, MWA
Responses
About Mangria Welfare Association
بِسۡمِ اللهِ الرَّحۡمٰنِ الرَّحِيۡم
مڱريا ويلفيئر ايسوسيئيشن جوتجويز ڪيل آئين
- هن ايسوسيئيشن جو نالو ”مڱريا ويلفيئر ايسوسيئيشن“ هوندو.
- هن ايسوسيئيشن جو هيڊڪوارٽر ميمبرن جي گهڻائي واري شهر يعني سکر، سنڌ ۾ هوندو.
ايسوسيئيشن جا مقصد
- اسان جو اصل مقصد غريب انسانن سان محبت ۽ مدد
- اصل مقصد آهي فلاح انسانيت.
- هيءَ ايسوسيئيشن پنهنجن ميمبرن ۽ گهر ڀاتين جي ڏکئي ۽ سکئي وقت ۾ مدد ڪندي.
- تعليم، صحت ۽ ٻين مسئلن ۾ ميمبرن کي وس آهر بغير ڪنهن وياج جي قرض ڏيندي.
- هيءَ ايسوسيئيشن ذات، پات، رنگ، نسل ۽ مذهب جي پابنديءَ کان سواءِ هر انسان جي ڏکئي ۽ سکئي وقت ۾ امداد ڪندي.
- ايسوسيئيشن پاران وقت بوقت غريبن لاءِ ٻهراڙين ۾ ميڊيڪل ڪيمپون هڻي غريبن جي چڪاس ۽ علاج لاءِ دوائون ۽ مشورو ڏيڻ جو انتظام ڪندي.
- ڏک سک ۾ ڪم ايندڙ سامان جهڙوڪ : غلم، ديڳيون، وڏا ٻاٽا، ٿانو آهستي آهستي گڏ ڪندي ، پنهنجن ميمبرن کي مفت ۽ ٻين کي سستي ڪرائي تي ڏيندي.
- ڪو به ميمبر يا سندس اولاد ڪنهن پوليس ڏوهه ۾ ملوث هوندي ته ايسوسيئيشن صرف ان جي بي ڏوهي هجڻ جو يقين هجڻ جي صورت ۾ ان جي ڀرپور مدد ڪندي، جنهن جو فيصلو سرپرست، مکيه صلاحڪار ۽ عهديدار ڪندا.
- ايسوسيئيشن ڪوشش ڪندي ته پنهنجي ميمبرن کي خاص ڪري شادين ۾ اجائين رسمن ريتن ۽ دهل دمامن ۽ حيثيت کان وڌيڪ ڏاج ڏيڻ کان روڪڻ جو مشورو ڏيڻ.
- ايسوسيئيشن قدرتي آفتن (جهڙوڪ: ٻوڏ، زلزلو، طوفان، باهه وغيره. الله پناهه ۾ رکي) ۾ بغير ڪنهن نسل ۽ ذات جي مدد ڪندي
ميمبرشپ جا قائدا ۽ قانون
- هيءَ ايسوسيئيشن فقط پنهنجن ويجهن مائٽن جي ميمبرشپ ڪندي.
- ويجهن مائٽن جي تشريح: جيئن ته هن برادريءَ جا ٽي وڏا بزرگ ڏاڏا گهڻي عرصي کان پاڻ ۾ ملي جلي ويا آهن. انهن جي ڏاڏي پوٽن جي گهرن ۽ اولاد سان تعلق رکندڙ هوندا.
- ٽي بزرگ ڏاڏا جي تشريح: 1. ڏاڏا محمد صالح مڱريو جي ڏاڏي پوٽي اولاد، 2. ڏاڏا محمد مبارڪ مڱريو جي ڏاڏي پوٽي اولاد ، 3. ڏاڏا تاج محمد مڱريو جي ڏاڏي پوٽي اولاد
- ٽن مٿي بيان ڪيل ڏاڏن جي اولاد مان مراد اها آهي ته انهن گهرن جا وڏا (مردن) ۽ پٽن جو رشتو ڏاڏي واري حيثيت ۾ انهن سان هوندو.
- هتي هيءَ ڳالهه به وضاحت سان ڪجي ٿي ته اسان جي ڪيترين نياڻين ۽ وڏڙين جون مٿين ڏاڏن جون نياڻيون ٻين ذاتين ۾ شادي ٿيل آهن. جن ۾ سڀ کان قديم تعلق مثال طور : اسان جون نياڻيون وڏن ، ڌاريجا ذات ۽ سيد ذات ۾ پرڻايون. جيڪا ڳالهه سڀ ڄاڻن ٿا. تنهنڪري ڪنهن به هڪ نياڻيءَ پوءِ اها ڇو نه مٿين ڏاڏن جي اولاد کان ٻاهر ٻين مڱرين ۾ پرڻيل هجن في الحال ايسوسيئيشن جا ميمبر نه ٿا ٿي سگهن. باقي ٻين ذاتين جون نياڻيون اسان جي مٿين ڏاڏن جي اولاد سان پرڻيل آهن. اهي گهر هن ايسوسيئيشن ۾ شامل آهن. ان جو مقصد اهو هرگز نه ورتو وڃي ته اسان ٻين ذاتين جي نياڻن ۽ نياڻين سان برادري يا تعلق رکڻ نٿا چاهيون، پر ان جو مقصد فقط هي آهي ته اسان جي ايسوسيئيشن محدود ميمبرن ۽ محدود وسيلن جي ڪري ائين ڪيو آهي. جنهن به گهر جون نياڻيون ٻين ذاتين ۾ آهن، انهن لاءِ اسان کي وڌيڪ احترام ۽ عزت آهي. ۽ ان جا گهر وارا نياڻين ڀاڻيجن ۽ انهن جي عزيزن سان سٺا رابطا رکن ٿا ۽ رکڻ گهرجن ان لاءِ ايسوسيئيشن ڪنهن کي به پابند نه ٿي ڪري.
خرچ ۽ آمدني جا ظابطا ۽ اصول
- هي هڪ فلاحي تنظيم آهي انڪري تمام عهدا بغير پگهار جي هوندا ۽ ڪو به سفر يا رهائش جو خرچ وغيره نه ڏنو ويندو.
- تمام خرچ صرف ۽ صرف ايسوسيئيشن جي مقصدن ۽ تنظيم ڪاري لاءِ خرچ ڪيا ويندا.
- تمام خرچ صدر جي اجازت سان ڪيا ويندا ۽ صدر ئي تمام خرچن جو ذميوار هوندو.
- تمام خرچن ۽ آمدنيءَ جو تفصيل رکڻ خزانچي جي ذميواري هوندي. خزانچيءَ وٽان ڪو به ميمبر وڌ ۾ وڌ سال ۾ ٻه دفعا تمام تفصيل ڏسڻ جو حق رکي ٿو.
- هر برسر روزگار ميمبر تنظيم کي ماهانه 100 روپيه بطور عطيو ڏيندو.
- ميمبرن کان علاوه ٻين ٻاهرين ادارن ۽ تنظيمن کان صرف ان صورت ۾ ڪا امداد ورتي ويندي ته اها تنظيم هن ايسوسيئيشن جي تمام مقصدن ۽ اصولن سان مڪمل اتفاق ڪندڙ هجي.
ايسوسيئيشن جي عهديدارن جي چونڊ جو طريقيڪار
- تمام ميمبرشپ جي قائدن تي پورا لهندڙ تمام ميمبر جنرل ڪائونسل جا ميمبر هوندا.
- جنرل ڪائونسل جو سال ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ اجلاس ٿيندو. جنهن اجلاس ڪرائڻ جي ذميواري آرگنائزنگ باڊيءَ مٿان هوندي.
- جنرل ڪائونسل ميمبرن منجهان ايسوسيئيشن جا عهديدار چونڊيندي.
- ايسوسيئيشن جي عهديدارن جو مدو ٻه سال هوندو
- ايسوسيئيشن جا عهدا :
- صدر
- نائب صدر
- جنرل سيڪريٽري
- جوائنٽ سيڪريٽري
- خزانچي
- اطلاعات (پريس) سيڪريٽري
- هن ايسوسيئيشن جو هڪ سرپرست اعلى هوندو. جيڪو اڻچونڊيل ۽ ميمبرن مان سڀ کان عمر ۾ وڏو هوندو.
- ايسوسيئيشن جي سرپرست نوجوان ۽ جوان عهديدارن کان علاوه هڪ ڇهن (06) ڄڻن تي مشتمل صلاحڪار باڊي يا ايگزيڪٽيو باڊي هوندي. عهديدارن ۽ ميمبرن کي جيڪي مسئلا درپيش هوندا. انهن جي رهنمائي ڪندي، هي باڊي به اڻچونڊيل ۽ ميمبرن مان وڏي عمر وارن جي هوندي.
- آرگنائزنگ باڊيءَ کي هن ايسوسيئيشن جي ٻين شهرن ۾ رهندڙ ميمبرن سان رابطي لاءِ هر هڪ واسطيدار شهر ۾ هڪ ڪوآرڊينيٽر رکڻ جي اجازت هوندي. جيڪو پڻ ايسوسيئيشن جي ميمبرن منجهان هوندو.
About Mangrio
Source: Wikipedia
Mangrio (Sindhi: مڱريو), Urdu: منگریو ) is a Sindhi Muslim Rajput tribe found in Sindh in Pakistan and Rajasthan in India. Like the Samma (tribe) and Bhatti, and most other Sindhi Rajputs, they are of Chandravanshi origin.
In Sindh, they are found mainly in the Tharparkar and Sanghar Districts of that province.They are also living in Balochistan and In Rajasthan, they are found mainly in Jaisalmeer and Barmer Districts.
Sub-castes
- Saahar (Sindhi: ساهڙ)
- Thanhuro (Sindhi: ٿاهنرو)
- Bakhar (Sindhi: باکر)
- Kulla (Sindhi: ڪلا)
- Punraj (Sindhi: پنراڄ)
- Gagan (Sindhi: گگن)
- Markhiyo (Sindhi: مرکيا)
Notable Mangrios
- Fakir Abdul Raheem Grohirri Mangrio (1152A.H-1192A.H) is the Saint and Poet of Sindh. He was Mangrio by caste.
- Fakir Jamal Mangrio, Hur warrior in 1965 war with India.
- Fakir Jadam Mangrio, Ex-Minister in Pakistan Cabinet
- Late Sain Dino Mangrio – Superintendant Engineer, Irrigation Department, Sindh.
سنڌي وڪيپيڊيا
مڱريو (منڱريو) سنڌ جو هڪ سنڌي قبيلو آهي، مڱريا قوم جي اڪثريت سنڌ ۾ رهي ٿي. خاص طور تي مٺي ، عمرڪوٽ ۽ ٿر جي مختلفضلعن ۾ اڪثريت سان رهن ٿا ، ان کان علاوه ڪنڊيارو ، سکر ، نوشهروفيروز ، رحيم يار خان ، جيسلمير ، مير پور خاص ، ۽ سنڌ ۽ هند جي ٻين ڪئين شهرن ۾ رهن ٿا.
تاريخ
راجپوتانا جي رڻ پٽ ۾ هڪ ننّڍي رياست هئ. جنهن تي ڪنهن وقت باجيراء نالي هڪ هندو راجا حڪومت ڪندو هو. ڪنهن قضاني سندس راڻيءَ کي پيٽ ٿيو. پورن پنجن مهينن جو عرصو گزرڻ بعد راڻيء جي بطن مان ڪلمه “لا الله الا الله ” جو آواز اچڻ لڳو. اهو از غيبي ۽ غير معمولي آواز اچڻ سبب راڻي توڙي راجا ڏاڍو حيران ٿيا. جيئن جيئن وقت ويو گذرندو تيئن تيئن آواز به ويو وڌندو. آخر لاچار ٿي راجا اهو راز پنهنجن منترين ۽ ٻانڀڻن اڳيان رکيو. انهن گهڻي غور ۽ ويچار کان پوءِ راجا کي صلاح ڏني ته جيڪڏهن اهو ٻار ڄائو ته اسلامي راڄ قائم ڪندو. جي چوٽ تي وهاري ڦوڪي آڳ ڏني ويئي جڏهن راڻي کي چوڌاري باهه ويڙهي وئي ۽ ماڻهن ايئن سمجهيو ته راڻي سڙي ڀسم ٿي چڪي هوندي تڏهن سندس پيٽ مان ٻار ڀڙڪو کائي اچي ٻاهر پٽ تي پيو ۽ ڪرڻ سان چيائين محمد رسول الله اهڙي آواز تي ماڻهو عجب ۾ پئجي ويا.
- ذريعو
شيخ عبدالرحيم گرهوڙي جو ڪلام ، ليکڪ: شمس العلماٌء ڊاڪٽر عمر بن محمد داؤد پوٽو
The Family Tree of Our Relatives
This family tree is in Sindhi Language. The source of information is the document of “Muhammad Bachal Mangrio” my maternal grand-father. The inclusion of new generation names are done by me upto to the best knowledge of mine. I am sure that this list may be incorrect and incomplete. But I am also sure that you will help me to correct and complete this list. Everybody can help me by correcting at least his grand-father’s family tree.
Thanks
Ahmed Ali Mangrio,
General Secretary,
Mangria Welfare Association